عالمي افسانا

عالمي افسانا

عالمي افسانا ڪتاب

عالمي افسانا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري برک اديب ۽ ترجمي نگار مراد علي مرزا جو مختلف عالمي اديبن جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ ترجمي نگار مختلف ملڪن: ترڪي، مصر، ڀارت، آمريڪا، سعودي عرب، جرمن، اوڀر يورپ، بنگال، برطانيا، روس، فرانس جي مختلف ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن. ڪتاب ۾ ٻه سنڌي ڪهاڻيون پڻ شامل آهن. 268 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري 2008ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو